اسلام آباد-30 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيد?? ملڪ ۽ پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم وچ ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ اين ڊي ايم اي چيئرمين آمريڪي قيادت ۾ ٻوڏ سٽيلن لاءِ امداد کي ساراهيو ۽ خوفناڪ ٻوڏ بابت رد عم?? جي نقطه نظر کي فعاليت ۾ تبديل ڪرڻ جي اين ڊي ايم اي جي ويزن بابت آگاهه ڪيو. هن مستقب?? جي ٽيڪن??لا??ي تي ٻڌل فريم ورڪ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو جيڪو ملڪ جي ڊزاسٽر رسڪ اٽلس جهڙا قدم کڻڻ کانسواءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز، انساني همدردي جي ادارن ۽ عالمي عطيو ڏيندڙن سان جامع هنگامي رد عمل جو انٽرفيس ٿي سگهي ٿو. هن نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڊزاسٽرمينيجمينٽ بابت پڻ آگاهه ڪيو. اين ڊي ايم اي چيئرمين گڏيل مستقبل کي محفوظ بڻائڻ لاءِ پائيدار ترقي جي هدفن موجب ”ڪ??ائ??ميٽ ملينيم هدف“ لاءِ عالمي عزم جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو. آمريڪي سفير ٻوڏ متاثر ع??ائ??ن ۾ نقصانن کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ لاءِ حصيدار?? جي تعاون سان جاري آمريڪي ڪوششن تي روشني وڌي ۽ آبهوا سبب متاثر ڊزاسٽرمينيجمينٽ جي شعبي ۾ مضبوط تعاون تي زور ڏنو.