اسلام آباد– 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سک رهنما بابا ??رو نانڪ جي جنم ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي دنيا مان پاڪستان ايندڙ سک ياترين جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ان جي زندگي ۽ ان جو پيغام امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ سک برادري بابا ??رو نانڪ جو 553 هون جنم ڏهاڙو ملهائي رهي آهي، ??ابا ??رو نانڪ جي زندگي ۽ ان جو پيغام ڀائيچاري ۽ امن جو درس ڏي ٿو. هن چيو ته ان مقدس ڏينهن تي سڄي دنيا مان آيل سک ياترين کي ڀليڪار ڪريان ٿو ۽ اميد ڪريان ٿو ته پ??ڪستان ۾ انهن جو قيام بهترين گذرندو.