اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز شريف چيو آه?? ته قومي ميڊيا جي تنظيمن سا?? ملاقات ۾ ٻن نقطن تي ڳالهه ڪئي. هڪ اهو ته تمام وڏي ??ئماني تي ٻوڏ جي چئلينج ۾ اسان کي يڪجهتي جي ضرورت آهي ۽ ٻيو ان عزم جو اظهار ڪيو ته سموري ملڪي ۽ عالمي امداد ۽ معاونت جي آڊيٽر جنرل پاڪستان ۽ عالمي آڊٽ فرمز کان آڊٽ ڪرائي ويندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته قومي ميڊيا جي تنظيمن سا?? هڪ پرجوش ملاقات هينئر ختم ٿي آهي جنهن ۾ انهن کي ٻوڏ جي ڪاٿي، ان جي نقصانن، ريسڪيو ۽ ريليف جي موجوده صورتحال ۽ ايندڙ نئين سر تعمير جي چئلينجز تي تفصيلي ڳالهه ٿي. هن چيو ته منهنجي انهن سا?? ڳالهه ٻولهه جو محور ٻن بنيادي نقطن تي هو، هڪ اهو ته ان ٻوڏ جي ڪاٿي کي ڏسي اسان کي اتحاد جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هي وقت آه?? ته سياست کي هڪ طرف ڪري ٻوڏ متاثرين جي مدد اسان جي ترجيحن جو مرڪز هجڻ گهرجي. هن چيو ته منهنجو ٻيو نقطو اهو هو ته منهنجو عزم آه?? ته مقامي ۽ عالمي سطح تي ملندڙ امداد ۽ معاونت جي آڊٽ آڊيٽر جنرل پاڪستان ۽ عالمي آڊٽ فرمز کان ڪرائي ويندي.