سکر – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قمبر شهدادڪوٽ جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو فضائي جائزو ورتو جڏهن ته کيس اڏام دوران ا??دا??ي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم شهباز شريف سنڌ جي ٻوڏ ک??ن متاثر علائقن قمبر شدهادڪوٽ جي دوري جي لاءِ سکر پهتو جتي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سندس ايئرپورٽ تي استقبال ڪيو جنهن کانپوءِ وزيراعظم متاثر علائقن جو فضائي جائزو وٺڻ جي لاءِ روانو ٿي ويو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڏام دورا?? کيس ٻوڏ ک??ن متاثر علائقن جي صورتحال ۽ ا??دا??ي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني.