اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي مدد جي لاءِ قطر کان امدادي سامان کڻي هڪ اڏام پاڪستان پهچي وئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته قطر کان امدادي سامان کڻي هڪ اڏام جمعي ڏينهن پاڪستان پهچي وئي آهي. قطر کان انساني امداد جي پهرين اڏام جو جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ??راچي تي استقبال سنڌ جي محنت و??ري صوبائي وزير سعيد غني، سماجي ڀلائي و??ري صوبائي وزير محمد سجاد جوکيو ۽ قطر جي قونصل جنرل مشال الانص??ري کانسواءِ پرڏيهي وزارت ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي نمائندن ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاڪستان جي ٻوڏ سٽيلن ??ي لاءِ امدادي سامان موڪلڻ جي آجيان ڪندي قطر جا ٿورا مڃيا.