سرينگر- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قابض انتظاميه آزادي جي تحريڪ جي عظيم قائد س??د علي گيلاني جي پهرين ورسي تي اڄ ماڻ??ن کي سرينگر جي علائقي حيدر پوره ۾ سندس قبر تي فاتحه خواني کان روڪڻ لاءِ سخت پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن، ڪشمير ميڊيا سروس موجب واد?? ڪشمير ۾ ڪيترن ئي جاين تي چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون آهن جتي ماڻهن جي تلاشي ورتي پئي وڃ??، حيدر پوره ۾ به وڏي تعداد ۾ ڀارتي فوج ۽ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن ته جيئن ماڻ??ن کي شهيد اڳواڻ جي قبر تي فاتحه خواني ڪرڻ کان روڪي سگهجي. ڪن??ن کي به علائقي ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي. والاريل علائقي ۾ س??د علي گيلاني جي ورسي جي تي اڄ جي هڙتال جي ڪال ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏني آهي، س??د علي گيلاني جي روح جي ايصال ثواب لاءِ واد?? ڪشمير ۽ ڄمون خطي جي مختلف حصن ۾ دعائن جون ويهڪون ٿيون.