اسلام آباد– 30 – آگسٽ (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وز??را??ظم لي ڪي چيانگ پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني نقصان تي پاڪستان جي قيادت ۽ عوام سان افسوس ۽ ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ چين جي صدر ۽ وز??را??ظم جو خصوصي پيغام صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وز??را??ظم محمد شهبا?? شريف کي پهچايو. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??ار?? بيان موجب وز??را??ظم شهبا?? شريف چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وز??را??ظم لي ڪي چيانگ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وز??را??ظم چيو ته سدائين وانگر چين جي قيادت ۽ عوام پاڪستان دوستي ۽ فراخدلي جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته هو صدر شي جن پنگ ۽ وز??را??ظم لي ڪي چيانگ جا دل سان ٿورا مڃي ٿو. واضح رهي ته چين پاران پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 190 ملين يوآن (آر ايم بي) امداد جو اعلان ڪيو ويو آهي. چين پاران 25000 خيمن ۽ ٻين امدادي شين جو عطيو ڪيو ويو آهي. چيني فضائيه جون اڏامون 300 خيمن جي پهرين کيپ کڻي اڄ ۽ سڀاڻي ڪراچي پهچنديون. پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ ڪراچي ۾ امدادي سامان پاڪستاني عملدارن جي حوالي ڪندو. چين پاران ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امداد جي فراهمي بابت اقتصادي معاملن واري ڊويزن کي چين جي سفير جي ڪراچي کان واپسي تي باضابطا آگاهه ڪيو ويندو. چين جي سفير نونگ رونگ چين جي قيادت جي فيصلي سان پاڪستان حڪومت کي آگاهه ڪري ڇڏيو.