نئين دهلي – 04 – آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غيرق??نو??ي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي غيرق??نو??ي طور تي نظربند سينيئر اڳواڻ نعيم احمد خان 5 آگسٽ کي ڄمون ۽ ڪشمير جي تازي تاريخ جو ڪارو ڏينهن قرار ڏيندي چيو آهي ته هي ڏينهن ڀارت جي زوال جي شروعات آهي، جيڪو ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آزادي جو تناسب تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. ڪشمير ميديا سروس موجب نعيم احمد خان نئين دهلي جي بدنام زمانه تهاڙ جيل مان پنهنجي هڪ پيغام ۾ ڀارت جي توسيع پسنداڻي ڏوهن تي روشني وجهندي چيو آهي ته ڪشميرين کان انهن جي سڃاڻپ کسڻ جو ڀارتي قدم مسلمان اڪثريتي رياست کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي انهن جي گهري سازش جو حصو آهي. هن 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي قدمن کي انتهائي سنگين قرار ڏيندي چيو آهي ته شق 370 ۽ 35 اي کي منسوخ ڪرڻ نه رڳو ڀارتي آئين جي خلاف ورزي آهي پر گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ٻين عالمي معاهدن جي روح جي به خلاف آهي. ه?? چيو ته هي هڪطرفو قدم عالمي ق??نو??ن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي سراسر خلاف ورزي آهي. ه?? چيو ته سنگين سياسي اثر رکندڙ اهو خطرناڪ قدم ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ ۽ ڪشميرين کي انهن جي وسيلن، ملازمتن، سڃاڻپ، ثقافت، زمين ۽ سڀ کان وڌيڪ خودمختياري جي حق کان محروم ڪرڻ جو سوچيل سمجهيل منصوبو آهي. نعيم احمد خا?? چيو ته ڪشميرين ڪڏهن به غيرق??نو??ي ڀارتي قبضي کي قبول نه ڪيو ۽ انهن 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي قدمن کي به رد ڪري ڇڏيو. ه?? چيو ته ڀارت 1947ع کان ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي غيرق??نو??ي ڪنٽرول کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا، ظالماڻا ق??نو?? لاڳو ڪيا پر حقيقت اها آهي ته اهي سڀئي قدم ڪشميرين کي محڪوم بڻائڻ ۽ سياسي ۽ جمهوري حقن جي لاءِ وڙهڻ جي انهن جي خواهش کي دٻائڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.