ڪراچي – 05 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مرحوم قومي اسيمبلي ميمب?? اقبال محمد علي خان جي گهر ويو ۽ گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب صدر ايم ڪيو ايم جي مرحوم قومي اسيمبلي ميمب?? اقبال محمد علي خان جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي مغ??رت لاءِ دعا ڪئي. صدر گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪندي صبر جميل جي پڻ دعا ڪئي.