اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ ڪراچي يونيورسٽي ڌماڪي جي نتيجي ۾ چين?? رهواسين جي جا??ي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو، پورو پاڪستان پنهنجي چيني ڀائرن سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. راجا پرويز اشرف چيو ته پاڪ چين دوستي تي حملو ٿيو آهي، پاڪستان دشمن جو تعاقب ڪندو، دهشتگرد پنهنجي ڪڌن مقصدن ذريعي پ??ڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪر?? رهيا آهن، پاڪستان عظيم دوست چين سان پنهنجي سدابهار، لازوال دوستي تي آنچ اچڻ نه ڏيندو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته چين?? رهواسين جي سيڪيورٽي لاءِ هر ممڪن وسيلن کي استعمال ۾ آندو ويندو، پاڪستاني عوام چين?? رهواسين جي مارجڻ تي ڏکويل آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيني سفارتخاني ۾ مهمانن جي لاءِ رکيل ڪتاب ۾ چين?? رهواسين جي جا??ي نقصان تي چين جي حڪومت ۽ عوام سان همدردي جو اظهار ڪندي پنهنجا تعزيتي تاثر قلمبند ڪيا.