اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 22 اپريل تي پنجگور ۾ شهيد ٿيندڙ ميجر شاه?? بشير جي والده سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيد کي عظيم قرباني تي ??راج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر سان ڳالهائيندي شهيد جي والده چيو ته وطن جي خاطر هڪ ٻيو پٽ ??ه شهادت لاءِ موڪلڻ چاهيان ٿي. صدر عارف علوي 22 اپريل تي ??تر وزيرستان ۾ سرحد پار حملي جي شهيدن جي پوئينرن سان به تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر حوالدار تيمور، سپاهي ثاقب نواز ۽ نائيڪ محمد شعيب جي وارثن سان ٽيليفون تي ??فسوس جو اظهار ڪيو. صدر شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت ۽ وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر شهيدن جي بلند درجن، وارثن کي پيارن جي جدائي جو ڏک برداشت ڪرڻ جي همت لاءِ به دعا ڪئي.