اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) پا??ست??ن مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آه?? ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ديامر ڀاشا ڊيم جي تعميراتي سائيٽ جي دوري دوران چلاس جي شهرين کي معياري علاج جي فراهمي لاءِ اسپتال جي تعمير جي هدايت ڪئي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هن اسپتال جي تعمير سان علائقي جي عوام کي علاج جي لاءِ اسلام آباد جو پري جو سفر نه ڪر??و پوندو ۽ شهرين کي انهن جي درن ت?? علاج جون بهترين سهولتون ملنديون.