اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ واپار ۽ گڏيل رابطن ۾ اضافي جي لاءِ تع??ون وڌائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان گڏيل قومن، او آءِ سي، ايس سي او ۽ اي سي او جهڙن علائقائي ۽ عالمي فورمن سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ تع??ون وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اسلامي تع??ون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي قازقستان جي پرڏيهي وزير مختار تلبردي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي قازقستان جي پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم سيپٽمبر 2021ع ۾ شنگهائي تع??ون تنظيم (ايس سي او) سربراهه اجلاس جي موقعي تي قازقستان جي صدر قاسم ج??ما??ٽ توڪايوف سان ملاقات جو ذڪر ڪندي پاڪستان جي ويزن سينٽرل ايشيا پاليسي کي ورجايو. هن ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ واپار ۽ رابطن ۾ اضافي جي لاءِ تع??ون کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ افغانستان سميت مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قازقستان جي پرڏيهي وزير وزيراعظم عمران خان کي قازقستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ ٻطرفي تع??ون کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم گڏيل قومن، او آءِ سي، ايس سي او ۽ اي سي او جهڙن علائقائي ۽ عالمي فورمن سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ تع??ون کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته هو هن سال جي آخر ۾ قازقستان جي صدر جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي.