اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شا??ه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان جي صورتحال خاص طور تي انساني بحران او آءِ سي جي مسلسل ڌيان جي گهرجائو آهي. اها ڳالهه هن او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحهٰ سان ??رڏيهي وزارت ۾ ملاقات دوران چئي. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، پرڏيهي اسپيشل سيڪريٽري رضا بشير تارڙ ۽ پرڏيهي وزارت جا سينئر آفيسر به ان ??وقعي تي موجود هئا. پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جو انعقاد پاڪستان ??اءِ هڪ خاص موقعو آهي، ڇاڪاڻ جو اسان ??نهنجي آزادي جو 75 هون سال ملهائي رهيا آهيون، پرڏيهي وزير والاريل ??مون ۽ ڪشمير ۾ تنظيمن جي سرگرمي جي باري ۾ سينئر عهديدارن جي اجلاس ۾ پيش ڪيل خصوصي رپورٽ کي ساراهيو ۽ چيو ته والاريل ??مون ۽ ڪشمير جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، وحشياڻي فوجي قبضي تحت انساني ح??ن جي صورتحال کي خراب ڪرڻ کانسواءِ ڀارت والاريل علائقي ۾ آبادي جي تناسب ۾ تبديلي تي لٿل آهي، شا??ه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ اسلامو فوبيا تي تازي قرارداد جي منظوري جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته پاڪستان جي قدمن کي او آءِ سي ۽ ان جي ميمبر ملڪن پاران ??ڪمل حمايت حاصل رهي. هن چيو ته اسلامو فوبيا تي خصوصي ايلچي مقرر ڪرڻ سان اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي، هن چيو ته افغانستان جي صورتحال خاص طور تي انساني بحران، او آءِ سي جي مسلسل ڌيان جي گهرجائو آهي، اميد آهي ته افغانستان جي لاءِ هيومينيٽرين ٽرسٽ فنڊ ج?? آپريشنل آغاز سان افغان عوام کي درپيش انساني چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. شا??ه محمود قريشي 19 ڊسمبر 2021ع تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن موجب اسان کي مناسب بجيٽ ۽ لاجسٽڪ سپورٽ جي ذريعي ڪابل ۾ او آءِ سي جي موجودگي ۽ خصوصي ايلچي جي آفيس کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان جي چيئرمين شپ دوران اسان او اءِ سي کي وڌيڪ متحرڪ بڻائڻ لاءِ سيڪريٽريٽ سان گڏ فعال طور تي رابطا هموار رکنداسين، اسان او آءِ سي چيئر جي طور تي پنهنجي مينڊيٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ سيڪريٽريٽ جي مسلسل حمايت جا خواهشمند آهيون.