اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) وزيراع??م عمران خ??ن چيو آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ کنيل قدمن جا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراع??م عمران خ??ن چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري تي ضابطو آڻڻ جا قدم نتيجاخيز ثابت ٿي رهيا آهن. هن چيو ته انهن قدمن جي ڪري فيبروري ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو رڳو 0.5 ارب ڊالر تا??ين گهٽ ٿي ويو آهي جيڪو جنوري ۾ 2 ارب ڊالر ه??. هن چيو ته فيبروري جو ڪرنٽ اڪائونٽ ماهوار خسارو هلندڙ مالي سال ۾ سڀ کان گهٽ خسارو رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته ان دوران ماضي ۾ ڪيل سڀ کان وڌيڪ روانگي واپار جي ڀيٽ ۾ فيبروري 2022ع ۾ روانگي واپار ۾ نمايان اضافو ٿيو جڏهن ته روانگي واپار ۾ 21 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي جنهن جو بنيادي سبب وڏن صنعتي ادارن جي پيداوار ۾ مستحڪم واڌويجهه جي شرح آهي.