اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) مصر جو پرڏيهي وزير سامح شڪري اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين سيشن ۾ شرڪت جي لاءِ آچر ڏينهن اسلام آباد پهچي ويو. سندس اچڻ تي وزيراعظم جي مذهبي هم آهنگي واري خاص نمائندي علامه طاهر محمود اشرفي سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي علامه طاهر محمود اشرفي چيو ت?? پاڪستان ۽ مصر ڀائراڻا لاڳاپا رکن ٿا. هن چيو ت?? مصر جو پرڏيهي وزير 24 س??لن کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي ۽ اسان سندس شاندار استقبال ڪريون ٿا. خصوصي نمائندي چيو ت?? او آءِ سي ڪانفرنس ۾ مسلمان امت کي درپيش مسئلن تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي ۽ ڪانفرنس م??عقد ڪرڻ سان مسلمان امت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۾ مدد ملندي. ان موقعي تي مصر جي پرڏيهي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ت?? ڪانفرنس م??عقد ڪرڻ سان مسلمان امت جي ترقي ۾ مدد ملندي.