اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چ??ڌر?? فواد حسين چيو ??هي ته حڪومت فيصلو ڪيو ??هي ته آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 186 تحت صدارتي ريفرنس ف??ئل ڪيو ويندو، سپريم ڪورٽ کان راءِ گهري ويندي ته جڏهن هڪ پارٽي جي ميمبرن واضح طور تي هارس ٽر??ڊن?? ۾ ملوث هجن ۽ وفاداريون تبديل ڪن ته انهن جي ووٽ جي آئيني حيثيت ڪهڙي هوندي، ريڪوزيشن تي اسيمبلي اجلاس جي تاريخ ڏيڻ اسپيڪر جي صوابديد آهي، سپريم ڪورٽ جو پنج رڪني بينچ اهو قرار ڏئي چڪو آهي ته جتي نااهلي جو مدو لکيل ناهي اتي نااهلي تاحيات هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پارٽي اڳواڻن جي اجلاس کانپوءِ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ??ه سنڌ هائوس ۾ جيڪي ماڻهو قيد ڪيا ويا آهن کين آزاداڻي فيصلي جو اختيار هجڻ گهرجي ۽ کين آزاد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ??ه آرٽيڪل 63 ون اي تي ابهام ختم ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ کان پڇيو ??هي ته توهان ٻڌايو ??ه هارس ٽر??ڊن?? جي آئين اجازت ڏي ٿو يا نه، ان حوالي سان صدارتي ريفرنس به موڪلي رهيا آهيون جنهن تي سپريم ڪورٽ پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي ۽ ان تي عملدرآمد ڪنداسين. وفاقي وزير چ??ڌر?? فواد حسين چيو ??ه سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ اهو قرار ڏئي چڪي آهي ته جتي نااهلي جو مدو لکيل ناهي اتي نااهلي تاحيات هوندي ۽ اسان سپريم ڪورٽ کان به پڇيو ??هي ته جيڪي ماڻهو نااهل هوندا، اهي ٻيهر اليڪشن وڙهي سگهندا يا تاحيات انهن تي پابندي هوندي، هن چيو ??ه صدارتي ريفرنس سومر تي داخل ٿي ويندو، ان سلسلي ۾ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ۽ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار ٻڌايو ??هي ته شوڪاز جو پراسيس الڳ هوندو، شوڪاز نوٽيس اسپيڪر ڏانهن موڪليا ويندا، هڪ طرف اسپيڪر نااهلي جي ڪارروائي شروع ڪندو ۽ ٻي طرف سپريم ڪورٽ کي چئي رهيا آهيون ته ان ريفرنس جي روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ڪري فيصلو ٻُڌائي. چ??ڌر?? فواد حسين چيو ??ه گهرو وزير شيخ رشيد احمد جائز طور تي سنڌ حڪومت جي غير آئيني قدمن کان وفاق کي آگاهه ڪيو ??هي ۽ سنڌ ۾ گورنر راڄ جي حوالي سان چيو ??هي ته اهو آپشن موجود آهي، هن چيو ??ه تنهن هوندي به اسان فيصلو ڪيو ??هي ته في الحال ان تي عمل نه ڪنداسين پر آئيني بحران اهڙي طرح جاري رهيو ??ه ان تي غور ڪنداسين. چ??ڌر?? فواد حسين چيو ??ه 27 مارچ تي اسلام آباد ۾ عظيم عاليشان جلسي جون تياريون ڀرپور طريقي سان جاري آهن، 27 مارچ تي پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو اسلام آباد ۾ ٿيڻ وڃي رهيو ??هي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چ??ڌر?? فواد حسين چيو ??ه اجلاس گهرائڻ اسپيڪر جو اختيار آهي، جنهن جي اڃان تاريخ حتمي نه آهي، هن چيو ??ه رانا ثناءُ الله 25 مارچ تي اچڻ چاهي ته اچي وڃي، کيس پاڻي به پيارينداسين ۽ خاطر خدمت تي به غور ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ??ه آرٽيڪل 63 ون اي تحت ٻه ڌار ڪارروايون ٿي رهيون آهن، هڪ ڪارروائي نااهلي لاءِ ۽ ٻي ڪارروائي سپريم ڪورٽ کان ٻه ڌار پڇيل سوالن بابت آهي، هن چيو ??ه اسپيڪر وٽ اختيار آهي، هو فيصلو ڪندو ته ريفرنس جو انتظار ڪرڻو آهي يا نه ۽ تاريخ اسپيڪ?? مقرر ڪندو.