اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته باب??ءِ قوم قائداعظم محمد علي جن??ح پنهنجي اڻٿڪ محنت ۽ بااصول سياسي جدوجهد سان اسان کي آزاد ملڪ جو تحفو ڏنو، قائداعظم محمد علي جن??ح پاڪستان جي صورت ۾ اهڙي رياست جي جوڙجڪ ممڪن بڻائي جتي رنگ ۽ نسل، مذهبي، لساني ۽ ڪنهن فرق کانسو??ءِ سمورن شهرين کي زندگي گذارڻ ۽ ترقي جا هڪ جهڙا موق??ا حاصل هجن. قائداعظم محمد علي جن??ح جي پيدائش جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قائداعظم محمد علي جن??ح وزيراعظم عمران خان جو رول ماڊل آهي، وزيراعظم عمران خان اهڙو پاڪستان چاهي ٿو جتي معاشي ۽ ثقافتي قدر مضبوط ۽ عالمي دنيا ۾ ان جو مقام بلند تر هجي. هن چيو ته اسان کي فرقيواريت ۽ شدت پسندي جهڙن ملڪ دشمن عنصرن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري هڪ متحد قوم جي حيثيت سان اڳتي وڌڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته باب??ءِ قوم جي پيدائش جي ڏهاڙي تي اسان ان عزم کي ورجايون ٿا ته پاڪستان کي هڪ مثالي ملڪ بڻائينداسين.