ڪراچي – 29 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??ند?? جي صحت لاءِ احتياط سڀ کان اهم آهي، ??ند?? جي صفائي جي حوالي سان عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڊينٽسٽس کي مالي فائدي کي ترجيح ڏيڻ جي بدران م??اشري جي ضرورتن ۽ عوام جي ??ند?? جي صحت تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، مريضن سان ديانتداري سان پيش اچڻ صحت جي شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي بنيادي ذميداري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي گورنر هائوس ۾ علوي ڊينٽل اسپتال ۽ برنگنگ سمائلز انڪارپوريشن آمريڪا جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيح جي تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو، صدر ٻنهي اسپتالن جي وچ ۾ مفاهمت جي معاهدي کي ساراهيندي چيو ته ايم او يو ملڪ ۾ عام ماڻهن جي لاءِ سستي ۽ معياري ڏندسازي کي يقيني بڻائيندو، هن چيو ته ان منصوبي سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري ايندي ۽ صحت جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، ان موقعي تي علوي ڊينٽل اسپتال جي آواب علوي خطاب ڪندي چيو ته اهو منصوبو رات جي پيٽ ۾ شروع ناهي ڪيو ويو پر ان جي لاءِ ڪافي محنت ڪئي وئي آهي، هن چيو ته معاهدي تحت سڄي ملڪ ۾ ڏند ٺاهيندڙن جي ڪلينڪ قائم ڪيا ويندا، هن چيو ته مستند ڊاڪٽرن جي ڪا به کوٽ نه آهي، ان م??اهدي سان بي شمار موقعا پيدا ٿيندا ۽ بهترين ڊاڪٽر ان منصوبي ۾ شامل هوندا جيڪي پاڪستان ۾ سستا ڏند ٺاهڻ کي يقيني بڻائيندا، برنگنگ سمائلز انڪارپوريشن آف يو ايس اي جي ڊاڪٽر انس اظهر ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته ان منصوبي سان پاڪستان ۾ وڏي سيڙپڪاري متوقع آهي، هن چيو ته پاڪستان جي تقريبن 90 سيڪڙو آبادي ??ند?? جي ڪنهن نه ڪنهن م??ئلي ۾ مبتلا آهي، اهو هڪ وڏو چئلينج آهي ۽ ??ند?? جي صفائي ۽ صحت جي حوالي سان عوام جي شعور پيدا ڪرن جي ضرورت آهي، علوي ڊينٽل اسپتال ۽ برنگنگ سمائلز انڪارپوريشن يو ايس اي جي وچ ۾ ايم او يو جي تحت گروپ جو نالو Inspire Dental (Network (Pvt.) Ltd (IDN) رکيو ويو آهي، آءِ ڊي اين پاڪستان ۾ وات جي صحت جي بهتري لاءِ ڪم ڪندو ۽ نوجوان ڏند ٺاهيندڙن کي معيا??ي ۽ هڪجهڙي طريقيڪار سان نگراني ۾ پنهنجي ڪلينڪ قائم ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪندو جيڪو حفظان صحت جي اعليٰ ترين م??يار موجب هجي. آءِ ڊي اين پاڪستان ۾ ڏند ٺاهڻ جي شعبي ۾ ملڪ جي مستحق تعليم يافته ۽ تربيت يافته نوجوانن جي لاءِ معاشي ترقي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جو ويزن رکي ٿو، ايم يو اي تي علوي ڊينٽل اسپتال جي اواب علوي ۽ برنگنگ سمائلز انڪارپوريشن جي ڊاڪٽر انس اطهر صحيحون ڪيون جنهن جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ خاتون اول ثمينه عارف علوي مشاهده ڪيو.