اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪستان بحرين سان پنهنجي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ پا??لياماني سطح تي خوشگوار لاڳاپا موجود آهن، پاڪستان بحرين سان واپار، سيڙ??ڪا??ي کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار بحرين جي سفير محمد ابراهيم محمد عبدالقادر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن، خطي جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پاڪستان بحرين سان پنهنجي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ پا??لياماني سطح تي خوشگوار لاڳاپا موجود آهن، پاڪستان بحرين سان واپار، سيڙ??ڪا??ي کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڏٺو ويندڙ موقعن جي ڀيٽ ۾ ٻطرفي واپ??ري ماپو گهٽ آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپ??ري ماپي کي وڌائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ رابطن ۾ فروغ ضروري آهي،. بحرين جي نمائندن جي ڪائونسل جي اسپيڪر جو نومبر ۾ متوقع دورو پاڪستان پا??لياماني رابطن جي فروغ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. اسد قيصر چيو ته پاڪستان ۾ بهترين هنرمند افرادي قوت موجود آهي، بحرين پاڪستان سان هنرمند افرادي قوت مان فائدو کڻي سگهي ٿو. ان موقعي تي بحرين جي سفير چيو ته ب??رين پاڪستان سان پنهنجي دوستاڻي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، بحرين اقتصادي ۽ عوامي سطح تي رابطن کي فروغ ڏئي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو، هن چيو ته خطي ۾ پا??يدار امن جي قيام جي لاءِ پاڪستان جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، بحرين ۾ رهندڙ پاڪستاني بحرين جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. محمد ابراهيم محمد عبدالقادر چيو ته ب??رين پاڪستان سان وڌيڪ هنرمندي افرادي قوت درآمد ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي رکي ٿو.