??سل??م آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي لاڪ ڊائون جي فيصلي جو غور سان جائزو وٺي رهيا آهيون، وزيراعظم جي پا??يسي بلڪل واضح آهي ته اسان هر اهڙي قدم جي خلاف هونداسين جنهن سان عام ماڻهو جي معيشت شديد متاثر ٿئي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اين سي او سي ۽ سنڌ حڪومت ان ڏس ?? اهڙو لائحه عمل جوڙي ته عام ماڻهو جو ر??زگار ۽ ڪاروبار گهٽ کان گهٽ متاثر ٿئي.