اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 22 – 2021ع جي 8487 ارب رپين جي وفاقي بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏي آهي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو ايڊهاڪ ريليف ڏنو ويو آهي، واڌويجهه جي شرح جو هدف 4.8 سيڪڙو رکيو ويو آهي، گاڏين جي قيمتن ۾ لاٿ ڪئي وئي آهي، جنهن تي سيلز ٽيڪس 17 سيڪڙو کان ??هٽ ڪري 12.5 سيڪڙو ڪرڻ ۽ گاڏين تي ويليو ايڊيڊ ٽيڪس ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، موبائيل جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، سرڪاري شعبي جي ترقياتي بجيٽ جو ماپو 900 ارب رپيا آهي، ??هٽ کان ??هٽ اجرت 20 هزار ماهوار مقرر ڪئي وئي آهي، اوڳاڙين جو ڪاٿو 7909 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آ??ي جيڪو گذريل سال ??ي نظرثاني ٿيل 6395 ارب رپين جي ماپي جي ڀيٽ ۾ 24 سيڪڙو وڌيڪ آهي، نان ٽيڪس روينيو ۾ 22 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، م??مو??ي سبسڊيز جو ڪاٿو 682 ارب رپيا لڳايو ويو آهي، احساس پروگرام جي لاءِ 660 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن، زراعت، چوپائي مال ??ميت مختلف شعبن ۾ ريليف فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فيا?? ترين قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪئي.