اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معا??ري جي پيڙهيل طبقي جي مدد لاءِ ڏورانهن علائقن تائين پاڪستان بيت المال جي پهچ وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته بيواهن، يتيمن، لاچار عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي مالي مدد جي لاءِ غربت ۾ ورتل علائقن تي ڌيان ڏنو وڃي، معا??ري جي ڪمزور طبقن جي مسئلن جي حل لاءِ حڪومت ۽ نجي شع??ي کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ پاڪستان بيت المال جي حوالي سان بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.