اسلام آباد – 06 – جنوري (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي ف??از چيو آهي ته بنون جلسي ۾ پي ڊي ايم جي ”سي درجي“ جي قيادت جي شرڪت ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ان??ن جي تحريڪ ختم ٿيڻ جي آخري مرحلن ۾ داخل ٿي چڪي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي ف??از چيو ته ناڪام بيا??يي ۽ عوام جي عدم شرڪت مرڪزي قيادت کي دلبرداشته ڪري ڇڏيو آهي، ان??ن جا جلسا، جلسين ۽ ريلين ۾ تبديل ۽ قيادت ”بي کان سي“ درجي تائين اچي پهتي آهي.