اسلام آباد – پهرين ج??وري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 2021ع ۾ پاڪستانين کي يونيورسل هيلٿ سروسز ڏينداسين ۽ ڪو پ??ڪستاني بکيو نه سمهندو، ڪاروبار دوست پاليسيون ٺاهينداسين، صنعتن کي مراعتون ڏينداسين، پاڪستانين کي ??ربت مان ڪڍڻ، صنعتن کي فروغ، زرعي پيداوار ۾ اضافي لاءِ چين ج?? تجربن مان رهنمائي حاصل ڪنداسين. هو هتي پاڪستان ۾ متعارف ٿيندڙ گاڏين ج?? افتتاحي تقريب کي ??طاب ڪري رهيو هو. ان م??قعي تي وفاقي وزير حماد اظهر ۽ جاويد آفريدي به خطاب ڪيو. وزيراعظم جاويد آفريدي ۽ فيصل آبادي کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ انڊسٽريلائيزيشن ۾ بهترين حصيدار چين آهي، پاڪستان ۾ مقرر چيني سفير ميئر رهي چڪو آهي ۽ هو ترقي جي اهميت کان آگاهه آهي، اسان پاڪستان ج?? مستقبل جي لاءِ چين کان سکي ??گهون ٿا، ان ج?? تيز رفتار ترقي اسان ج?? لاءِ ماڊل آهي، جهڙي طرح چين ٿوري عرصي ۾ ڪروڙين ماڻهن کي ??ربت مان ڪڍيو، جهڙي طرح صنعتي شعبي کي فروغ ڏنو، جهڙي طرح سرمايو آندو ان ج?? دنيا ۾ مثال نٿو ملي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي ??سلامي فلاحي رياست بڻائڻ ۽ پاڪستانين کي ??ربت مان ڪڍڻ حڪومت جو بنيادي هدف آهي. اسان صنعتي اقتصادي زونر ٺاهيا آهن، پوري ڪوشش هوندي چيني صنعت کي هتي پرڪشش مراعتون ڏيون ۽ هتي آڻيون.