پشاور – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پشاور ۾ بي آر ٽي م??صوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وزيراعظم عمران خان پشاور جو دورو ڪيو جتي هن بي آر ٽي م??صوبي جو افتتاح ڪيو. خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير محمود خان، خيبرپختونخواهه جو گورنر شاهه فرمان کانسواءِ دفاع وارو وفاقي وزير پرويز خٽڪ، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير پير نورالحق ۽ صوبائي وزير پڻ ان موقعي تي م??جود هئا. وزيراعظم عمران خان کي ان موقعي تي م??صوبي بابت بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته بي آر ٽي جي مڪمل ٿيڻ سان پشاور ۽ ڀرپاسي جي شهرين کي جديد سفري سهولتن جي فراهمي م??ڪن ٿيندي. افتتاحي تقريب چمڪني ڊپو ۾ ٿي. بي آر ٽي جو ٽريڪ 27 ڪلوميٽر آهي، بي آر ٽي جو في اسٽاپ ڪرايو 10 رپيا جڏهن ته مڪمل سفر 50 رپين م ٿيندو. هڪ اسٽيشن کان ٻي اسٽيشن جو فاصلو 850 ميٽر آهي. حڪومت پاران بي آر ٽ?? بس ۾ سفر جي لاءِ شهرين ۾ رڳو 3 ڏينهن ۾ 80 هزار ڪارڊ مفت ورهايا ويا آهن. بي آر ٽي م??صوبي تي ڪم جي شروعات آڪٽوبر سال 2017ع ۾ ٿي.