اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته حڪومت ملڪي ۽ مخالف ڌر ذاتي مفادن ۾ ترميمون چاهي ٿي، حڪومت ڪنهن کان ??ليڪ ميل نه ٿيندي، مخالف ڌر پاڪستان ??ي خيرخواهه آهي ته ملڪي مفاد ۾ قومي اسيمبلي ۾ متعارف ڪرايل بلز جي حمايت ڪري، ڀارت پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ ڌڪڻ چاهي ٿو، گري لسٽ مان ڪڍڻ يا رهڻ جو فيصلو آڪٽوبر ۾ ٿيندو، ڪنهن کي رعايت ڏيڻ جو مقصد نه آهي جيڪو ڪندو اهو ڀريندو، عمران ??ان 22 سالن کان ڪرپشن جي خلاف جدوجهد ڪري رهيو آهي، مسلم ليگ (ن) جي قائد سان 2013ع ۾ ملاقات ۾ مون کي پرڏيهي وزارت جي آڇ ڪئي وئي هئي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته قومي اسيمبلي ۾ اڄ انتهائي اهم بلز پاس ڪيا ويا. پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ ۽ وائٽ لسٽ ۾ آڻڻ اسان ??و عزم آهي. هن چيو ته ڀارت اسان کي بليڪ لسٽ ۾ ڏسڻ چاهي ٿو ته جيئن اسان ??ي پابنديون لڳ?? ۽ ??اڪستان مشڪلاتن جو شڪار ٿئي، ان ??ورتحال کي سامهون رکندي اسان کي ٽائيم بارڊ بلز تي قانونسازي ڪرڻ گهربل هئي ته جيئن اسان ??ي رپورٽ ايشيا پيسفڪ گروپ ڏانهن موڪلي ??گهجي ۽ اڳتي پليمنري اجلاس ۾ پ??ش ڪري سگهجي. اسان مخالف ڌر ان قانونسازي جي دعوت ڏني پر هن ان کي نيب قانون جي ترميم سان مشروط ڪيو. اسان ??نهن کي مسودو پ??ش ڪيو جيڪو انهن کي پسند نه آيو جيڪو انهن مسودو پ??ش ڪيو ان ۾ هنن 34 ترميمن جو مطالبو ڪيو.