اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرد??ري کي ڪرپشن بابت سوالن جو جواب پنهنجي گهر مان ئي ملي ويندو، سندس والد سري محل کان وٺي هر قسم جي ڪرپشن ڪري هاڻي بلاول کي سياست ۾ آندو آهي ته جيئن سندس ڪرپشن کي تحفظ ملي سگهي، بلاول ڀٽو پنهنجي والد کان پڇي ته ڪهڙي طرح ذوالفقار علي ڀٽو جي ملڪي سطح تي پارٽي هڪ ع??ائ??ائي پارٽي بڻجي وئي آهي، مخالف ڌر ڪن کولي ٻڌي وٺي انهن کي اين آر او نه ملندو، مخالف ڌر جي نيب قانون بابت 38 ترميمن کي رديءَ جي ٽوڪري ۾ اڇ??ائ?? ڇڏيو آهي، ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪندڙن ڪرپشن جي نئين تشريح ڪري ڇڏي آهي ته هڪ ارب جي ڪرپشن کي ڪرپشن نه چيو وڃي. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چيو ته بلاول ڀٽو زندگي ۾ هڪ رپيو نه ڪمايو، نه ڪنهن جي مدد ڪئي ۽ نه ئي ڪنهن سماجي ڪم ۾ حصو وڌو، بلاول ڀٽو زرد??ري اسان کان جيڪي سوال ڪري رهيو آهي هو اهي سوال ڪرڻ کان اڳ پنهنجي گهر ۽ خاندان تي نظر وجهي ته سري محل خريد ڪيو ويو، 65 ملين ڊالر جو اڪائونٽ ڪنهن جو آهي، ڪراچي ۾ لاتعداد ??لڪيتون ڪنهن جون آهن، اومني گروپ ڪيئن ٺهيو ته کيس انهن سمورن سوالن جا جواب ملي ويندا.