ليکڪ: محمد عامر آفريدي
ترجمو: عدنان کوکر
واپار ماڻهن، ڪمپنين ۽ فرمز، ملڪن ۽ قومن جي وچ ۾ شين ۽ خدمتن جي وڪري يا ڏي وٺ جي عمل کي چوندا آه??، ملڪن جي وچ ۾ خريد ۽ وڪري جي عمل جي لاءِ هڪ خاص طريقيڪار جي ضرورت هوندي آه??. ان مقصد جي لاءِ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ملڪن جي وچ ۾ معاهدن جي ضرورت هوندي آه?? ۽ اها به حڪومتن جي ذميواري هوندي آه?? ته اهي واپار ۽ واپاري رستن تان نه رڳو رڪاوٽون ختم ڪن پر واپارين ۽ سيڙپڪارن کي سهولتون، آسا??يو?? ۽ اعتماد به ڏين. ٻن ملڪن جي وچ ۾ گڏيل واپار ۾ اضافي سان ٻنهي ملڪن ۽ عوام جي زندگي ۾ خوشحالي اچي ٿي. جڏهن ته ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ آسانين ۽ سهولتن سان گڏوگڏ مختلف مسئلا ۽ مشڪلاتون به ٿين ٿيون جن جو جائزو لاڳاپيل حڪومتون وقت بوقت وٺن ٿيون ۽ محفوظ ماحول، سرمائي جو تحفظ ۽ ضمانت، رستي جي سهولت، شين جي درآمد ۽ برآمد جي لاءِ ٽرانسپورٽ، سرحدن ۽ ويزا جاري ڪرڻ جي اهم عمل کي آسان بڻائڻ سميت مختلف قدم کڻن ٿيون.
موجوده وقت ۾ جڏهن دنيا هڪ عالمي ڳوٺ ۾ تبديل ٿي آه??، فاصلا گهٽ ٿي ويا آه?? ۽ وقت جي رفتار به تيز تر آه?? اهڙي صورت ۾ انساني سوچ ۽ فڪر ۽ واپار جا طور طريقا به تبديل ٿي ويا آه??، ٽيڪنالاجي ۾ جدت سان ڏينهن ۾ ٿيندڙ ڪم هاڻي ڪلاڪن ۽ منٽن ۾ ٿي رهيا آه??، ٽيڪنالاجي جي جدت ۽ سهولتن مان اڳ به ۽ هاڻي به انساني جبلت تحت واپاري ۽ سيڙپڪار ٻن ڏورانهن ملڪن بدران پنهنجي پاڙيسري علائقن يا ملڪن سان واپار کي ترجيح ڏيندا آيا آه??. پاڙيسري ملڪن سان واپار جا ڪيترائي فائدا آه?? جن ۾ امن امان جي بهتري، ويجها لاڳاپا، قومي دفاع ۽ سلامتي جو تحفظ شامل آه??.
پاڪستان ۽ افغانستان به ويجها پاڙيسري ۽ ڀائر ملڪن آه?? جيڪي زبان، ثقافت سان گڏوگڏ گڏيل مذهب ۽ تاريخي رشتن ۾ ڳنڍيل آه??. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ محبت ۽ ڀائيچاري جا لاڳاپا ايترا مضبوط ۽ بااعتماد آه?? جو جڏهن 1979ع ۾ روس افغانستان تي حملو ڪيو ته ٻين ملڪن جي ابتڙ افغان شهرين وڏي انگ ۾ پاڪستان جو رخ ڪيو جتي انهن نه رڳو عزت ۽ وقار سان زندگي گذاري پر اڄ به افغان پناهگيرن جو هڪ وڏو انگ پاڪستان ۾ وڏا ڪاروبار ۽ واپار ڪري رهيو آه??، اهڙي طرح عوام سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري راب??ا قائم آه??.
ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان جي انگن اکرن موجب پاڪستان افغانستان جي لاءِ سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ملڪ آه?? جتي افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ شيون برآمد ڪيون پيون وڃن جن جي ماليت ڪيترائي سئو ملين ڊالر آه?? اهڙي طرح افغانستان پاڪستان جي شڊين جي لاءِ چوٿين وڏي برآمدي منڊي آه??. سال 2014ع کان اڳ افغانستانجي لاءِ پاڪستان سڀ کان وڏو برآمدي ملڪ هو جڏهن تهبعد ۾ پاڪستان سان اها پوزيشن ايران جهڙن ٻين ملڪن حاصل ڪئي. افغانستان کي پاڪستان جي اهم برآمدات ۾ ڪڻڪ، سمينٽ، کنڊ ۽ چانور شامل آه??. افغانستان سان وڌيڪ پاڪستاني روانگي واپار جو اهو به سبب آه?? ته ان ۾ شين جي پهچ ۾ ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ وقت ۽ خرچ ۾ نمايان بچت ٿئي ٿي ڇو ته ٻنهي ملڪن جون سرحدون پاڻ ۾ ڳنڍيل آه?? جنهن جو فائدو افغانستان جي حڪومت ۽ عوام کي پهچي رهيو آه??.
بدقسمتي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي راهه ۾ ڪجهه مسئلا به درپيش آه?? جن ۾ سڀ کان وڏو مسئلو غيرقانوني واپار آه??، پاڪستان ان غيرقانوني واپار جي خاتمي لاءِ ڪجهه قدم پن کنيا آه??، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ طورخم ۽ چمن بارڊر جهڙيون راهداريون به آه?? جتي قانوني طريقي سان واپار ٿئي ٿو، پاڪستان ۽ افغانستان ٻنهي گڏيل واپار ۾ سگهه، واپارين کي آسانين جي فراهمي ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ واپارين تي ٻڌل پاڪ افغان گڏيل ايوان صنعت ۽ واپار پڻ قائم ڪيو آه??. پاڪستان افغانستان سان واپار کي تمام گهڻي اهميت ڏئي رهيو آه?? ۽ ان ڏس ۾ پاڪستان ڪيترائي عملي قدم پڻ کنيا آه?? جنهن جو اندازو گذريل سال 18 سيپٽمبر تي وزيراعظم عمران خان پاران طورخم بارڊر ٽرمينل کي هفتي جا 7 ڏينهن 24 ڪلاڪ کليل رکڻ جي حڪم سان به ٿئي ٿو.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي هڪ رپورٽ موجب گذريل مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ افغانستان کي پاڪستاني روانگي واپار ۾ 33.40 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آه??. ان عرصي ۾ افغانستان پاڪستاني روانگي واپار جو ڪاٿو 825.63 ملين ڊالر رهيو جيڪو مالي سال 19 – 2018ع جي انهي عرصي جي مقابلي ۾ 33.40 سيڪڙو گهٽ آه??، مالي سال 19 – 2018ع جي پهرين 11 مهينن ۾ افغانستان کي پاڪستاني روانگي واپار جو ڪاٿو 1.101 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. انگن اکرن موجب هلندڙ سال مئي ۾ افغانستان کي 17.01 ملين ڊالر ماليت جو روانگي واپار ڪيو ويو. گذريل سال مئي ۾ افغانستان کي پاڪستاني روانگي واپار جو ڪاٿو 115.88 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. اسٽيٽ بئنڪ جي رپورٽ موجب اهڙي طرح افغانستان سان درآمدات ۾ 36.79 سيڪڙو جي گهٽتائي آئي آه??، گذريل مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ افغانستان سان درآمدات جو ڪاٿو 119.32 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. مالي سال 19 – 2018ع جي انهي عرصي ۾ افغانستان سان 163.13 ملين ڊالر جي درآمدات ٿي هئي.
ملڪن جي وچ ۾ واپاري سرگرمين تي نظر رکڻ واري عالمي اداري ٽريڊنگ اڪنامڪس پاران جولاءِ 2020ع جي رپورٽ موجب سال 2019ع ۾ افغانستان سان پاڪستان کي 579.53 ملين ڊالر جي درآمدات ٿي جن ۾ 175.25 ملين ڊالر ماليت جا ميوا ۽ 155.14 ملين ڊالر ماليت جون ڀاڄيون شامل هيون. اهڙي طرح گذريل سال افغانستان سان 91.14 ملين ڊالر جي معدنيات ۽ تيل، 57.87 ملين ڊالر ڪپهه ۽ 32.78 ملين ڊالر ماليت جو لوهه ۽ اسٽيل به درآمد ڪيو ويو.
افغانستان جي لاءِ پاڪستاني برآمدات جي مقابلي ۾ جيتوڻيڪ پاڪستان جي لاءِ افغانستان جي درآمدات جو ڪاٿو گهٽ آه?? جڏهن ته مجموعي طور تي گذريل مالي سال ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل واپار جي ڪاٿي ۾ گهٽتائي آئي آه??. ٻنهي پاريسري ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ گهٽتائي ڇو آئي؟ ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، ان بابت جڏهن پاڪ افغان جوائنٽ چيم??ر آف ڪامرس ۽ سرحد چيم??ر آف ڪامرس جي اڳوڻي صدر ۽ فرنٽيئر ڪسٽم ايجنٽس ايسوسيئيشن جي موجوده صدر ضياءَ الحق سرحدي کان پڇيو ته هن ٻڌايو ته “پاڪ افغان واپار کي هن وقت مسئلا درپيش آه?? ۽ گڏيل واپار ۾ به گهٽتائي آئي آه??. هن چيو ته هڪ وقت ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل واپار جو ڪاٿو 2.5 ارب ڊالر تائين پهچي ويو هو جنهن کانپوءِ ان ۾ ترتيبوار گهٽتائي ايندي وئي جنهن جا ڪيترائي سبب آه??. جيڪڏهن موجوده صورتحال جو جائزو ورتو وڃي ته جهڙي طرح ڪورونا وائرس جي عالمي وبا سڄي دنيا جي معيشتن کي سخت متاذثر ڪيو آه?? اتي ان سان پاڪستان ۽ افغانستان جون معيشتون به متاثر ٿيون آه??. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سرحدون بند هجڻ جي ڪري به ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيا آه??، ڪجهه عرصو اڳ به پاڪ افغانستان سرحد بند ٿي هئي جنهن کانپوءِ وزيراعظم عمران خان پاڪ افغان سرحد کي 24 ڪلاڪ کليل رکڻ جو اعلان ڪيو، ان اعلان کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار بهتري آئي جڏهن ته ان کانپوءِ ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري اها صورتحال خراب ٿي. هن چيو ته اڳ ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار بابت معاملا ڪسٽمز کاتي، انتظاميا ۽ خيبرايجنسي ۾ مقرر پوليٽي??ل ايجنٽ طئي ڪندا هئا جڏهن اڳوڻي فاٽا کي خيبرپختونخواهه ۾ ضم ڪيو ويو ته پوليٽي??ل ايجنٽ جوڪردار ختم ٿيو، ٿيڻ ائين گهرجي ها ته سمورا انتظام ڊپٽي ڪمشنر خيبر جي هٿ ۾ هجن ها جڏهن ته ان جي ابتڙ اتي ڊپٽي ڪمشنر ته آه?? پر سمورا اختيار ڊي پي او سنڀالي ورتا آه??. ڪسٽمز کانسواءِ اتان جي سرحدي انتظام ۽ انصرام ۾ ڪيترائي ٻيا کاتا به شامل آه?? جنهن جي ڪري به واپار متاثر ٿيو آه??. هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ واپار بابت معاملن کي ڪيترن ئي کاتن بدران هڪ کاتي کي ڏسڻ گهرجي، ان سان گڏوگڏ رستي جي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ سان بنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ نه رڳو استحڪام ايندو پر ان ۾ تمام گهڻو اضافو به ٿي سگهي ٿو. هن حڪومت کان ان حوالي سان خاص ڌيان ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ تيزي آڻي سگهجي جنهن سان نه رڳو واپاري سرگرميون تيز ٿينديون پر ان سان عوام ۽ حڪومتن جي لاءِ خوشيون پڻ کڻي ايندي”.
پاڪستان ۽ افغانستان جي عوام جي وچ ۾ واپار ۽ واپاري رابطا نوان نه آه?? پر اهي صدين کان قائم آه??، ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ واپار بابت سرحد چيم??ر آف ڪامرس جي اڳوڻي صدر حاجي محمد افضل چيو ته جڏهن به امن امان يا دهشتگردي جي ڪري چمن ۽ طورخم سرحد بند ٿئي ٿي ته افغانستان جي عوام لاءِ خوراڪ سميت ڪيترائي مسئلا پيدا ٿي وڃن ٿا، انهي جي ڪري افغانستان ايران جي سرحد ۽ بندرگاهن جو استعمال وڌائي ڇڏيو آه??. هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ گڏيل واپار جي جيڪا صورتحال آه?? ته يقيني طور تي ٻئي ڀائر ملڪ آه??، ٻنهي ملڪن جون عوامي ۽ اقتصادي حالتون به هڪ جهڙيون آه??، ٻئي ملڪ صدين کان ڪاوباري رابطن ۾ واڳيل آه??، جيڪڏهن هڪ طرف پاڪستان کي وچ ايشيائي رياستن تائين پهچ جي لاءِ افغانستان جي ضرورت آه?? ته ٻئي طرف افغانستان وٽ سمنڊ نه آه?? ۽ ان کي سڀ کان وڌيڪ پاڪستان جي ضرورت آه??. هن چيو ته پاڪ افغان واپار ۾ جيڪي مسئلا آه?? انهن ۾ هر ٻئي ڏينهنسرحدن جي بندش سڀ کان وڏو مسئلو آه??، محدود پئماني تي ٽرڪن کي برآمد جي اجازت به هڪ اهم مسئلو آه??، هي اهي حالتون آه?? جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ مشڪلاتون ۽ رڪاوٽون پيدا ڪري رهيون آه??. هن چيو ته انهن مسئلن جو مستقل حل ضروري آه??، واپارين کي آسا??يو?? فراهم ڪرڻيون پونديون، چيڪنگ جو نظام خودڪار بڻائڻو پوندو، اسڪريننگ جي ذريعي چيڪنگ جو نظام ايترو شفاف بڻائڻو پوندو جو نه رڳو وڏي انگ ۾ درآمد ۽ برآمد ٿئي پر ٽرانزٽ ٽريڊ سميت ٻيا معاملا پڻ آسان بڻائي سگهجن. ان سان نه رڳو پاڪستان ۽ افغانستان جي اقتصادي حالت ۾ بهتري ايندي پر ٻنهي ملڪن جي حڪومتن جي وچ ۾ غلط فهميون به ختم ٿينديون. هنچيو ته امن امان جي صورتحال به ان صورت ۾ بهتر ٿي سگهي ٿي جيڪڏهن سرحد جي ٻنهي طرفن کان رهندڙ ماڻهو خوشحال هجن ۽ ڪاروبار جي ذريعي آمدني حاصل ٿئي ته ماڻهو ٻين سرگرمين تي ڌيان نه ڏيندا. اسان کي انهن معاملن کي گهري نظر سان ڏسڻو ۽ ان بابت سوچڻو پوندو.