اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردو?? عاشق اعواڻ چيو آ??ي ته وزيراعظم پيپلزپارٽي جي نه پر سنڌ جي وڏي وزير سان مليو آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ وقت ان کي ڏنو، وزيراعظم ڪنهن به ص??بي سان ماٽيلي ماءُ وارو ??لو?? نٿو ڪرڻ چاهي، حيرت آهي جو پرچي تي چيئرمين ٿيندڙ بلاول وري وزيراعظم کي چونڊيل وزيراعظم تسل??م نٿو ڪري، احسن اقبال جي گرفتاري ۾ حڪومت جو ڪو به هٿ نه آهي جنهن گجرون کاڌيون آهن انهن کي ته پيٽ ۾ سور ته پوندو، وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيل گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ۾ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي خاص مددگار ڊاڪٽر فردو?? عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم وڏي وڏي تحمل سان سڀني صوبن جو موقف ٻڌو عوام جي بهتر انداز ۾ خدمت وزيراعظم جي ترجيح آهي.