اسلام آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ضروري شين جي قيمتن کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ جتي انهن ش??ن جي دستيابي ??ي حوالي سان جامع منصوبابندي ڪئي وڃي اتي سمورا ضروري انتظامي قدمن موثر طريقي سان کڻڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي ۽ ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ مسلسل نظر رکيو ڃي ۽ ان سلسلي ۾ صوبن جي وچ ۾ ڪوآرڊينيشن کي وڌيڪ بهتر ب??ايو وڃي. وزيراعظم اهي هدايتون پنهنجي صدارت هيٺ ضروري شين جي قيمتن ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ??ي حوالي سان کنيل قدمن جي سلسلي ۾ جائزي اجلاس جي دوران ڏنيون.