ٽوڪيو – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان آزاداڻي سيڙپڪاري پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي ۽ سيڙپڪاري جو سازگار ماحول ۽ بهترين موقعا فراهم ڪري ٿو، جاپاني ڪمپنيون پاڪستان ۾ معيشت جي مختلف ??عب?? ۾ دستياب منافع بخش موقعن مان فائدو ??ڻن. هو ٽوڪيو ۾ جا??ان پاڪستان بزنس ڪميونٽي طرفان ڏنل آجياڻي جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، ان موقعي تي پاڪستان بزنس ڪوآپريشن ڪميٽي جي وفد ۾ ميرو بيني ڪارپوريشن، ٽويوٽا موٽرز، سوزوڪي موٽرز، متسوبشي، سومي ٽومو، يونيورسا آئي ميٽلز ۽ مٽسوئي سميت مشهور جاپاني بزنس ڪارپوريشنز جا نمائندا به موجود هئا.