اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف ڪالعدم تنظيم بي اين اي جي باني ۽ سربراهه ۽ هائي پروفائيل عسڪريت پسند ليڊرن مان هڪ گلزار امام شمبي جي پڪڙڻ تي پاڪستانين کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته امن جي بحالي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون اڻٿڪ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ، پنهنجي نوعيت جي پهرين ۽ مختلف جاگرافيائي جاين تي ٻڌل، انتهائي ڏکئي انٽيلي ??نس آپريشنز کي وڏي نفاست سان سرانجام ڏيڻ تي قوم پاران خصوصي ساراهه جو مس??حق آهي. هن چيو ته پاڪستان خاص طور تي بلوچستان امن ۽ خوشحالي طرف گامزن آهي. هن پنهنجي ٽوئيٽ جي پڄاڻي پاڪستان زندهه آباد سان ڪئي.