اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) ??رڏ??هي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چي?? آهي ته پاڪستان هلندڙ سال دوران ڪشميري عوام جي لاءِ سمورن ٻطرفن ۽ علائقائي فورمز تي آواز اٿاريو، پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي خاتمي، ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڪشمير تڪر??ر جي منصفاڻي حل جو مطالبو ڪيو. پريس بريفنگ ۾ هن چي?? ته پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميري پارٽين تي پابندي جي ڀارتي عملدارن جي فيصلي جي مذمت ڪئي ۽ ڪشميري ڪارڪنن ۽ انساني حقن جي محافظن جي آزادي جو مطالبو ڪيو. هن چي?? ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار کي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي فورمز تي اجاگر ڪيو ويو جڏهن ته 15هين اسلامي سربر??هي ڪانفرنس ۽ او آءِ سي جي ??رڏ??هي وزيرن واري ڪائونسل جي 50هين اجلاس ۾ ڪشمير ڪاز جي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪندي ڪيتريون ئي قراردادون منظور ڪيون ويون. هن چي?? ته ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي جي رابطا گروپ جا ٽي اجلاس هن سال مئي، آگسٽ ?? سيپٽمبر ۾ ٿيا. ترجمان چي?? ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪر??ر جي حل لاءِ هر ممڪن سياسي ۽ سفارتي ڪوششون جاري رکندو.