اسلام آباد-24 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي چيئرمين ۽ وفاقي وزير خالد مقبول صد??قي ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت ملڪ جي مجموعي صورتحال تي غور ويچار سميت عوام کي رليف ڏيڻ ۽ ملڪي مسئلن جي جٽادار حل لاءِ قدمن تي ڳالهيون ڪي??ن ويون. محسن نقوي چيو ته پاڪستان ڏک??ن حالتن مان ٻاهر نڪري رهيو آهي، معاشي اهڃاڻ ب??تري طرف گامزن آهن ۽ هر ايندڙ ڏينهن پاڪستان جي روشن مستقبل جو ڏس ٻڌائي رهيو آهي. هن چيو ته مايوسي گناهه آهي ۽ مايوس عنصرن جي ايجندا ڪجهه ٻي آهي. خالد مقبول صد??قي چيو ته پاڪستان جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ??ن وجهندڙن کي عوام جي ڪا به پرواهه ناهي.