اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ ٿڌي جڏهن ??ه گلگت بلتستان ۾ جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن تي گجگوڙ سان هل??ي برسات ۽ جبلن تي هل??ي برفباري جو امڪ??ن آهي، پنجاب جي ڪجهه ميداني علائقن ۾ هل??و ڪوهيڙو ڇانئيل رهڻ جو امڪ??ن آهي. موسميات کاتي مطابق اڄ اربع ڏينهن ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ ٿڌي جڏهن ته اترئين علائقن ۾ شديد ٿڌي رهڻ جو امڪ??ن آهي. پنجاب جي ڪجهه ميداني علائقن ۽ اپر سنڌ ۾ صبح / رات جي وقت ۾ ڪوهيڙو ڇانئيل رهڻ جو امڪ??ن آ??ي. ??ذريل 24 ڪلاڪن دوران مٿانهين خيبر پختونخوا، ??نجاب، اپر سنڌ ۽ اتر اوڀر بلوچستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جڏهن ته جبلن تي برفباري ٿي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ڪاٽو 08، گوپس، هنزه ۾ ڪاٽو 03، اسڪردو ۾ ڪاٽو 02 ۽ ڪالام ۾ ڪاٽو 01 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.