اسلام آباد-23 نومبر (ا?? پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري ضلعي خيبر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ پاڪ – افغان سرحد تي خوارج خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ان ڪارروائ?? دوران 3 خوارج مارجي ويا. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت افغان سرحد کان مداخلت روڪڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري جي واکاڻ ڪندي چيو ته دهشتگردن طرفان پاڪستان جو ??من امان خراب ڪرڻ ۽ مداخلت جي ڪوشش ناڪام بڻائيندا. صدر مملڪت دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو.