اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گو??نر فيصل ڪريم ڪنڊي برٽش ڪائونسل پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جيمز هيمپسن ۽ هيڊ آف ايجوڪيشن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ تعليم ۽ مهارتن جي ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪالهه هتي جاري بيان موجب ان موقعي تي گو??نر چيو ته تعليمي معيار کي بلند ڪرڻ، نوجوانن ۽ عورتن کي تربيتي پروگرامن ذريعي بااختيار بڻائڻ ۽ ڪي پي ڪي جي تعليمي ادارن ۽ انگلينڊ جي تعليمي ادارن وچ ۾ حصيداري کي هٿي ڏيڻ ??ندن ترجيحن ۾ شامل آهي. انهن حصيدارن جو مقصد شاگردن ۽ استادن جي مٽاسٽا ذريعي عالمي مهارتن کي ڪي پي ڪي جي تعليمي ادارن تائين آڻڻ آهي. ڳالهين دوران گو??نر پاڪستان ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽي جي ڪي پي ڪي چيپٽر جي حوالي سان پنهنجي ويزن تي به ڳالهه ڪئي، ان جي خدمتن ۾ نواڻ ۽ واڌ جي ضرورت ??ي زور ڀريو. هن ڪي پي ڪي جي تعليمي ادارن جي شاگردن خاص ڪري نوجوان عورتن ۾ آرٽس ۽ ڊزائن جي بي پناهه صلاحيتن کي اجاگر ڪيو ۽ ٻُڌايو ته ان منصوبي لاءِ برٽش ڪائونسل سان ڀائيواريءَ جي باضابطه تجويز موڪلي وئي آهي. جيمز هيمپسن آءِ ايم سائنسز يونيورسٽي پشاور ۾ هڪ جديد هنرمند مرڪز جي برٽش ڪائونسل جي منصوبا بندي جي باري م ٻُڌايو ۽ گو??نر کي جنوري 2025ع ۾ ان مرڪز جي افتتاحي تقريب ۾ شر??ت جي دعوت ڏني. برٽش ڪائونسل جي ٽيم گو??نر کي ”گول“ پروگرام بابت به آگاهه ڪيو، جنهن جو مقصد پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ضلعن ۾ 2 لک 50 هزار غير تعليم يافته ڇوڪرين جي داخلا آهي. ملاقات دوران فني ۽ پيشيوراڻي تعليم ۽ تربيت ۽ سڄي ملڪ ۾ جاري اعليٰ تعليمي منصوبن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.