اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف محمد آصف کي دوحه ۾ انٽرنيشنل بليئرڊز اينڊ ورلڊ سنوڪر فيڊريشن (آءِ بي ايس ايف) چيمپيئن شپ کٽڻ ت?? مبارڪباد ڏيندي چ??و آهي ته پاڪستان جا باصلاحيت نوجوان راندين جي ميدانن ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يا?? موجب وزيراعظم چيو ت?? محمد آصف ٽيون ڀيرو عالمي چ??مپيئن شپ کٽي پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو. محمد آصف جا گ??رڀاتي ۽ سندس ڪوچ به ان فتح ت?? مبارڪباد جا مستحق آهن. عالمي چ??مپيئن شپ کٽڻ جي لاءِ محمد آصف ڏينهن رات محنت ڪئي جنهن جي لاءِ هو ساراهه جي لائق آهي. وزيراعظم چيو ت?? پاڪستان جا باصلاحيت نوجوان راندين جي ميدانن ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي ته رانديگرن کي عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. عالمي مقابلن جي لاءِ رانديگرن کي تياري جي معياري سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي.