واشنگٽن-24 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته گذريل هڪ سال دوران معيشت جي بهتري لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا ويا جن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي سان گڏ مختلف شعبن ۾ بهتري ڏسڻ لاءِ ملي آهي. انهن سڌارن جو مقصد معاشي استحڪام ۽ پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ هو، جنهن لاءِ اهم اقتصادي ۽ انتظامي تبديليون متعار?? ڪرايون ويون. اهڙو اظهار هن واشنگٽن ۾ ولسن سينٽر ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال جي حوالي سان ڳالهائيندي ??يو. هن گذريل هڪ سال دوران معيشت جي ڪارڪردگي ۽ مختلف سڌارن جو ذڪر ڪيو، جن ۾ ٽيڪس کي ??ڌا??ڻ، خرچن ۾ گهٽتائي، توانائي جي شعبي ۾ سڌارا، سرڪاري ادارن جي حڪمراني کي بهتر بڻائڻ، ڪاروبار لاءِ هڪجهڙا موقعا ??را??م ڪ??ڻ ۽ موسمياتي استحڪام جون ڪوششون شامل آهن. معاشي ڪارڪردگي کي اجاگر ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته انهن سڌارن ۾ ٽيڪس بيس کي وسيع ڪرڻ شامل هو ته جيئن ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح ۾ اضافو ٿي سگهي، جڏهن ته خرچن تي ضابطو آڻڻ لاءِ سبسڊي ۾ گهٽتائي ڪئي وئي. توانائي جي شعبي ۾ به بهتري لاءِ قدم کنيا ويا. سرڪاري ادارن جي حڪمراني کي بهتر بڻائڻ تي ڪم ٿيو، ڪاروباري ادارن لاءِ برابر موقعا ??را??م ڪ??ڻ جون ڪوششون ڪيون ويون ۽ موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کنيا ويا ته جيئن معيشت کي پائيدار بڻائي سگهجي.