اسلام آباد -11 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح جي مدبراڻي، اصول پسند ۽ دور انديش قيادت عيوض ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ آزاد رياس?? جو خواب ساڀيان ٿيو ۽ هڪ اهڙي فلاحي رياس?? جو قيام عمل ۾ آيو جتي سمورن شهرين کي برابري جا حق آهن. گذريل ڏينهن باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي قائداڻين صلاحيتن ۽ بصيرت کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته قائداعظم جي مدبراڻي، اصول پسند ۽ دور انديش قيادت عيوض ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ آزاد رياس?? جو خواب ساڀيان ٿيو ۽ هڪ اهڙي فلاحي رياس?? جو قيام عمل ۾ آيو جتي سمورن شهرين کي برابري جا حق، معاشي ۽ سماجي حق حاصل آهن جتي هو پنهنجي رسمن، رواجن ۽ عقيدن مطابق مڪمل مذهبي آزادي سان زندگي گذاري سگهن. انهن خيالن جو اظهار هن باباءِ قوم جي 76هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. اسپيڪر چيو ته باباءِ قوم جي ز??دگي اصول پسندي، جدوجهد، سياسي بصيرت، ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جي سونهري اصولن جو عملي نمونو هئي. هن چيو ته قائداعظم اهڙي رياست جي قيام جو خواب ڏٺو هو جتي ڪنهن کي لساني، طبقاتي، مذهبي ۽ عددي بنيادن تي فوقيت حاصل نه هجي. اسپيڪر ان موقعي تي قائداعظم محمد علي جناح جي رهنما اصولن تي عمل پيرا ??يڻ جي ض??ورت تي ز??ر ڀريندي چيو ته هن وقت ملڪ کي جن چئلينجز جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي انهن کي پاڪست??ن جي باني جي رهنما اصولن ايمان، اتحاد ۽ تنظيم تي عمل پيرا ٿي ض??بطو آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته سندس سونهري اصولن تي عمل پيرا ٿي ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ۽ جدوجهد ڪيون. هن سمورين سياسي پارٽين کي پارٽي وابستگين کان مٿانهون ٿي ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ض??ورت تي ز??ر ڀريو. اسپيڪر الله تعاليٰ کان پاڪست??ن جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي درجن جي بلندي ۽ سندس سونهري اصولن تي عمل پيرا ??يڻ ۽ ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ توفيق عطا فرمائڻ جي دعا گهري.