ڪراچي-06 سيپٽمبر (اي ??ي پي) سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ڪراچيءَ ۾ بحريه قبرستان ۾ شهيدن جي مزار تي حاضري ڀري گُل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي پاڪ بحريه جي جٿي سلامي پيش ڪئي. ان موقعي تي م??ڊي?? سان ڳالها??ين??ي وفاقي وزير چيو ته 6 سيپٽمبر 1965ع جو ڏينهن اسان جي بهادر فوج دليري ۽ جانبازي جو مظاهرو ڪندي دشمن جي عزمن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. وفاقي وزير چيو ته ملڪ جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي. هن چيو ته هن وقت ملڪ ۽ قوم کي ڪيترائي چئل??نج?? درپيش آهن. اسان سمورن چئل??نج?? کي مُنهن ڏيڻ لاءِ قوم جي خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. وفاقي وزير چيو ته پاڪستاني عوام ۽ حڪومت هميشه وانگر پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.