اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي ورثي، ثقافت ۽ سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير عطاءُ الل?? تارڙ چيو آهي ته دهشتگرديءَ جي خاتمي تائين سُک جو ساهه نه کڻنداسين، پاڪستان ڪنهن به خطري کي مُنهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو. پاڪ بحريه سامونڊي حدن جي حفاظت لاءِ پُرعزم آهي، پاڪستان جي بقا لاءِ پاڪ بحريه جي جوانن ۽ آفيسرن بي پناهه قربانيون ڏنيون، شهيدن ۽ غازين کي سلام پيش ڪريون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه هتي ??ومِ بحريه جي موقعي تي ??يول هيڊ ڪوارٽرز ۾ شهيدن جي يادگار تي حاضريءَ کانپوءِ ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته يومِ بحريه جي موقعي تي شهيدن جي يادگار تي سندس حاضري اعزاز جي ڳالهه آهي. پاڪ بحريه جي شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪ بحريه ملڪ جي دفاع لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون، 7 سيپٽبر 1965ع تي ??اڪ بحريه آپريشن دوارڪا جي شروعات ڪئي جنهن ۾ پاڪ بحريه جي بهادر آفيسرن ۽ جوانن پاڪستان جي بقا لاءِ دشمن جي هدفن کي نشانو بڻايو ۽ پنهنجي جانين جون قربانيون ڏنيون. هن چيو ته آپريشن دوارڪا اسان جي تاريخ جو سونهري باب آهي، 1965ع ۾ دشمن جي ناپاڪ اِرادن کي م??يء?? ۾ ملائڻ لاءِ پوري قوم متحد ٿي چڪي هئي، پاڪ فضائيه، پاڪستان آرمي ۽ پاڪ بحريه ملڪي دفاع لاءِ جيڪو ڪردار ادا ڪيو جيڪو اڄ تاريخ جو حصو آهي. هن چيو ته آپريشن دوارڪا نه صرف دشمن جي صلاحيت کي گهٽ ڪيو، دشمن جي هدفن کي نشانو بڻايو پر اسان جي سرحدن کي محفوظ بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وفاقي وزير چيو ته دهشتگردي خل??ف جنگ ۾ پاڪ بحريه جو ڪردار تحسين لائق آهي. پاڪ بحريه جي جونيئر آفيسرن ۽ ڪمانڊوز دهشتگرديءَ خل??ف بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته 8 سيپٽمبر پاڪ بحريه جو نالو آهي، اڄ سڄي پاڪستان ۾ بحريه کي خراجِ تحسين پيش ڪرڻ لاءِ اهو ڏينهن ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته دهشتگرديءَ خل??ف جنگ ۾ هٿياربند فوج، حڪومت ۽ عوام جا حوصلا بلند آهن، اسان شهيدن جي قربانين کي هرگز رائيگان وڃڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته شهيدن جي وارثن جا حوصلا بلند آهن، ايمان، حوصلي ۽ همت جو جذبو 6 سيپٽمبر تي به ايترو ئي بلند هو جيترو اڄ بلند آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي تائين اسان سُک سان نه ويهنداسين، ملڪ جي سرحدن کي محفوظ بڻائينداسين، عزم استحڪام لاءِ اسان ان ويزن تي عمل پيرا آهيون. وفاقي وزير چيو ته موجوده دؤر ۾ بليو اڪانومي اهميت رکي ٿي، ڪيترن ئي ملڪن سان گڏجي گڏيل تعاون هلي رهيوآهي، پاڪستان ۾ دنيا جي بهترين گهري پاڻي جا بندرگاهه آهن، انهن بندرگاهن ذريعي اسان پوري وچ ايشيا تائين پهچ حاصل ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت جي بحالي، استحڪام ۽ معاشي انقلاب آڻڻ لاءِ اسان کي بندرگاهن جي حوالي سان پاليسي تي ??وري ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته حڪومت وچ ايشيائي رياستن سان رابطن کي هٿي ڏئي رهي آهي، ان سان اسان بليو اڪانومي مان مڪمل طور تي ??ائدو کڻي سگهنداسين ۽ سيف ڪوريڊورز تائين وچ ايشيائي رياستن کي پهچ ڏئي سگهجي ٿي ته جيئن ان جا ثمر عام ماڻهو تائين پهچي سگهن. هن چيو ته پاڪستان جو مستقبل روشن آهي، هن چيو ته پاڪ بحريه جي عزم استحڪام ۽ بليو اڪانومي جي ويزن ۾ وڏو ڪردار آهي، هو ڪوسٽل ايرياز ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته بندرگاهن تي سرگرميون شروع ٿي چڪيون آهن، اهي اسان جي معيشت جي بحاليءَ لاءِ اهم سنگ ميل ثابت ٿينديون. هن چيو ته اسان دهشتگردي جي جنگ ۾ نه صرف متحرڪ آهيون پر دهشتگرديءَ کي پاڙؤن پٽي ڇڏينداسين. هن چيو ته سي پيڪ ذريعي معاشي انقلاب ايندو، اسان سمورن پاڙيسرين سان سُٺا لاڳاپا چاهيون ٿا. هن چيو ته پاڪستان ڪنهن به خطري کي مُنهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ان کان اڳ وفاقي وزير نيول هيڊ ڪوارٽرز ۾ شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي. وفاقي وزير پاڪ بحريه جي شهيدن ۽ غازين کي سلام پيش ڪيو ۽ شهيدن جي وارثن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ??اڪ بحريه جا آفيسر ۽ جوان به موجود هئا.