اسلام آباد – 28 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دوست ملڪن مان سيڙپڪاري جي منصوبن تي عم??درآمد ۾ ڪنهن به قسم جي سُسِتي قبول نه آهي، سمورا وزير ۽ لاڳاپيل ادارا تجويز ڪيل منصوبن تي اڳڀرائي کي تيز بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن، پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، معدنيات ۽ قيمتي پٿرن ۽ توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آهي، انهن شعبن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري سان نه رڳو ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو پر لکين نوجوان?? جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪي معيشت جي ترقي ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان قدمن تي جائزه اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ع??لم?? ريٽ??گ ايجنسي موڊيز پاران پاڪستا?? جي ڪريڊٽ ريٽنگ کي اپ گريڊ ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان معاشي ٽيم جون ڪ??شش??ن ڪامياب ٿي رهيون آهن، گذريل حڪومت جي دور ۾ ملڪ جي خاطر پنهنجي سياست جي قرباني ڏني. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني معيشت کي ڊيفالٽ کان بچايو، معيشت استحڪام کانپوءِ ترقي طرف گامزن آهي، حڪومت پاران قومي مفادن کي سياسي مصلحتن تي ترجيح ڏيڻ جي پاليسي جا مثبت اثر هاڻي معيشت تي نظر اچڻ لڳا آهن، موڊيز پاران پاڪستان کي سي اي اي ٽو ريٽنگ ڏيڻ حڪومت جي معاشي پاليسي?? جي صحيح هجڻ جو ع??لم?? اعتراف آهي. وزيراعظم چيو ته اميد آهي ته معيشت انهي رفتار سان مثبت رخ ۾ اڳتي وڌندي رهندي، ان اهم اڳڀرائي ۽ معيشت جي مجموعي بهتر صورتحال جي حوالي سان ناڻي واري وزير ۽ سندس ٽيم جون ڪ??شش??ن ساراهه جوڳيون آهن، دوست ملڪن مان ملڪ جي مختلف شعبن ۾ اربين رپي?? جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار حڪومت جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري دوست پاليسين جو نتيجو آهي. وزيراعظم چيو ته دوست ملڪن مان سيڙپڪاري جي منصوبن تي عم??درآمد ۾ ڪنهن به قسم جي سستي قبول نه آهي، سمورا وزير ۽ لاڳاپيل ادارا تجويز ڪيل منصوبن تي اڳڀرائي کي تيز بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، معدنيات ۽ قيمتي پٿرن ۽ توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آهي، انهن شعبن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري سان نه رڳو ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو پر لکين نوجوان?? جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ع??لم?? ريٽنگ جي اداري موڊيز جي پاڪستا?? جي ريٽنگ ۾ بهتري، مختلف شعبن ۾ دوست ملڪن سان سيڙپڪاري جي معاهدن تي اڳڀرائي ۽ جاري منصوب?? جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي ٻئي مرحلي تحت منصوبن تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم سمورن منصوبن ۾ شفافيت جي عنصر کي اهميت ڏيڻ سان گڏوگڏ انهن کي لاڳو ڪرڻ کي ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن ڄام ڪمال خان، احد خان چيما، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، سردار اويس خان لغاري، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، عبدالعليم خان، مملڪتي وزيرن علي پرويز ملڪ، شزه فاطمه خواجه، منصوبابندي ڪميش?? جي ڊپٽي چيئرمين جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عم??دارن شرڪت ڪئي.