اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ??هر??ن ۾ پاڪستاني سفارتخانو يزد شهر ۾ افسوسناڪ بس حادثي کانپوءِ ايراني عملدارن سان ملسلسل رابطي ۾ آهي جنهن ۾ 28 پاڪستاني ز??ئرين شهيد ٿي ويا آهن. نائب وزيراعظم حادثي ۾ فوت ٿيندڙ پاڪستاني ز??ئرين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسان کي ز??مي ز??ئرين بابت به سخت ڳڻتي آهي. نائب وزيراعظم چيو ته هن ??هر??ن ۾ پاڪستاني سفير کي هدايت ڪئي آهي ته هو صحيح صورتحال جو پتو لڳائي ۽ زخمين کي فوري طبي امداد فراهم ڪري ۽ ان سان گڏوگڏ ميتن کي پاڪستان موڪلڻ جو بندوبست ڪري. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو سفارتخانو يزيد شهر ۾ عملدارن سان مسلسل رابطي ۾ آهي. هن ايراني حڪومت پاران مدد ۽ معاونت تي ٿورا مڃيا.