اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) نيشنل ??وڊ سيڪيور??ي اينڊ ريسرچ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي، ته زرعي شعبي ۾ مسلسل جدت ۽ ترقي پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ اڻٽر آهي. انهن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ??وڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن جي نمائنده فلورنس رولي سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ ??وڊ سيڪيورٽي ۽ زرعي ترقي بابت معاملا غور هيٺ آيا. وفاقي وزير چيو ته زراعت جي ترقي پاڪستان جي گهڻن معاشي مسئلن جو حل آهي، زراعت ملڪ ۾ خوشحالي، غذائي تحفظ ۽ سماجي اقتصادي ترقي لاءِ وڏي اهميت رکي ٿي. زرعي شعبي ۾ مسلسل جدت ۽ ترقي پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ اڻٽر آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ??وڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن جو ڪردار حوصلو ڏيندڙ آهي. زراعت جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت آبادگارن جي سهولت لاءِ ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا آهن، جديد فصلن جي پيداوار جي حوالي سان آبادگارن جي سگهه کي وڌ??ئڻ لاءِ انهن جي رهنمائي جي ضرورت آهي. رانا تنوير حسين چيو ته ايف اي او زراعت جي ترقي ۽ پيداوار تي موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ رهنمائي مهيا ڪري سگهي ٿو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ??وڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن جي نمائنده فلورنس رولي چيو ته ??وڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن پاڪستان ۾ زرعي شعبي کي اڳيان وڌ??ئڻ لاءِ پنهنجو سهڪار جاري رکندو، پاڪستان ۾ آبادگارن ۽ تحقيق ڪندڙن جي صلاحيتن کي وڌ??ئڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته زرعي شعبي ۾ موسمياتي تبديلي جا اثر گهٽ ڪرڻ لاءِ ٻين اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون.