اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق فلسطين جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ حماس جي اڳواڻ اسماعي?? هانيه تي تهران ۾ قاتلاڻي حملي جي شديد مذمت ڪندي حملي جي نتيجي ۾ اسماعي?? هانيه جي لاڏاڻ?? تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظه??ر ڪيو آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن چيو ته اسماعي?? هانيه تي حملو بربريت ۽ جارحيت جو افسوسناڪ مثال آهي ۽ اهو عالمي قانونن ۽ قدرن جي کليل ڀڃڪڙي آهي. اسرائيل غزه ۾ ظلم ۽ بربريت جي بازار گرم ڪري رکي آهي. فلسطين جي آزادي جي جدوجهد لاءِ اسماعي?? هانيه ۽ سندس خاندان جون قربانيون وسارڻ جوڳيون ناهن. اهي قربانيون ضايع نه وينديون. اسپيڪر اسماعي?? هانيه جي وارثن، فلسطيني حڪومت ۽ عوام سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظه??ر ڪيو. هن اسماعي?? هانيه جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوار خاندان لاءِ صبر جي دعا ڪئي.