اسلام آباد – 29 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري فيڊ??ل پبلڪ ??رو?? ڪميشن سول ??رو?? ۾ ڀرتي جو عمل وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ عورتن ۽ اقليتن جي نمائندگي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته موثر ۽ شفاف ڀرتي جي عمل سان اهل ۽ باصلاحيت سرڪاري ملازمن جي چونڊ ۾ مدد ملندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار فيڊ??ل پبلڪ ??رو?? ڪميشن جي سينيئر ميمبر اڪبر حسين دراني جي قيادت ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن ??يو ته ڪميشن تي سرڪاري ملازمن جي ڀرتي جي اهم ذميواري لاڳو آهي، ڪميشن ملازمت جي لاءِ صحيح شخص جي چونڊ جي لاءِ جديد طريقيڪار تي غور ڪري. صدر عورتن ۽ اقليتن جي معاشري جي مرڪزي ڌارا ۾ شموليت وڌائڻ تي زور ڏنو ۽ ??يو ته سرڪاري نوڪرين ۾ عورتن ۽ اقليتن جي نمائندگي وڌائڻي پوندي. آصف علي زرداري ??يو ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ نئين طريقن خاص طور تي ڪمپيوٽرائيزڊ ٽيسٽنگ سان ڀرتي جو عمل وڌيڪ موثر ۽ شفاف بڻائڻ جي ضرورت آهي. صدر ??يو ته لکت واري امتحان ۾ سٺا نمبر حاصل ڪندڙ اميدوارن کي من??فا??ي طور تي جان??يو وڃي. اڪبر حسين دراني صدر کي سرڪاري ملازمن جي ڀرتي ۾ ڪميشن جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو ۽ ڪميشن کي درپيش ڪجهه مسئلن تي پڻ روشني وڌي. صدر وفد کي مسئلن جي حل ۽ ڀرتي جو نظام بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجي تعاون ۽ رهنمائي جو يقين ڏياريو.