راولپنڊي -13 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري، شهيد ڪيپٽن محمد اسامه بن ارشد جي گهر پهچي شهيد ڪيپٽن جي والد سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ممل??ت شهيد جي ڪٽنب سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ شهيد جي بلند درجن لاءِ فاتحه خواني ڪئي. محمد اسامه بن ارشد گذريل ڏينهن اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جي فائرنگ سبب شهيد ٿي ويو هو. صدر ممل??ت شهيد جي بهادري، جذبي، حب الوطني ۽ وطن لاءِ خدمتن کي ??ه ساراهيو. صدر مملڪت وطن لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي شهيد کي ??راج عقيدت پيش ڪيو. صدر ممل??ت شهيد جي بلند درجن ۽ ڪٽنب لاءِ صبر جي دعا ڪئي.