اسلام آباد– 10 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جي ترقي جي لاءِ سياسي ۽ عوامي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله جي سرب??اه?? ۾ 9 رڪني اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي. وزيراعظم آفيس پاران ان ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. ڪميٽي ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، گ??گت بلتستان جو وڏو وزير حاجي گلبر خان، گ??گت بلتستان جو اڳوڻو وڏو وزير حافظ حفيظ الرحمان، گ??گت بلتستان جو ناڻي وارو وزير انجنيئر محمد اسماعيل، گ??گت بلتستان جو منصوبابندي ۽ ترقي وارو وزير راجا ناصر علي خان، ڪشمير معاملن وارو سيڪريٽري، چيف سيڪريٽري گلگت بلتستان ۽ بين الصوبائي رابطن واري وزارت ج?? سيڪريٽري شامل آهن. ڪميٽي جو سيڪريٽريٽ بين الصوبائي رابطن واري وزارت ۾ هوندو. اها ڪميٽي ايندڙ مالي سال 25 – 2024ع جي بجيٽ ۾ شامل قدمن ۽ سڌارن تي اتفاق راءِ جي لاءِ سمورين ڌرين سان مشاورت ڪندي.